راڻي هار

راڻي هار

راڻي هار

راڻي هار: ڳچيءَ جي ڳهن ۾ مختلف قسمن جا هار ٿين ٿا، جن ۾ راڻي هار اهم ليکجي ٿو. راڻي هار جا ڪيترا قسم ۽ ڪيترا گھاڙيٽا ٿين ٿا، جن ۾ خاص ڪري موتين وارو هار، تلڪين وارو هار، پٽين وارو هار، ڪٽائي وارو هار ۽ مينا وارو هار مشهور آهن. هن هار جي مکيه حصن ۾: زنجير، تاڪيون، پٽيون، ڪڙا، سرون، چؤنڪا، گھريون ۽ مڱ (پتلو) ٿين ٿا. راڻي هار سنڌ ۾ راڻين لاءِ مخصوص هوندو هو. هن هار جي سَرين ۾ سچن موتين جي پوچ ٿيندي آهي. هي ڳهه سون مان جڙندو آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ پنجن تولن جو هوندو آهي. هن ۾ ٽن کان ست لڙيون هونديون آهن، جنهنڪري ان کي ست سريو راڻي هار پڻ چئبو آهي. ان کانسواءِ ان کي ٽه لڙو، پنج لڙو ۽ ست لڙو راڻي هار به ڪوٺين ٿا. هن وقت اهو ڳـهه سـرنديءَ وارا شاديءَ ۾ گھوٽيتن توڙي ڪنواريتن پاران ڏين ٿا.


لفظ راڻي هارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو